SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World Politics

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • pɔlitiks
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World Politics

ورلڊ پالٽڪس

عالمي سياست

هيءُ بين السرڪاري يا بين الرياستي لاڳاپن کان به وسيع تصور آهي، جنهن ۾ سڄي دُنيا کي مُهذب،سياسي ڪلچر جو حصو بنائڻ تي زور ڏنل آهي. هن تصور هيٺ عالمي سياست ۾ مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ روايتي سلامتيءَ ۽ معاشي لاڳاپن کان مٿڀرو ٿي ، هڪ مثالي انساني سماج جي جوڙجڪ ۽ انصاف ڀري دُنيا جي قيام بابت وڪالت ڪيل آهي. هي اصطلاح عام طور تي بين الاقوامي تعلقات ۾ هاڪاري انداز ۾ استعمال ٿيندو آهي. بين الاقوامي تعلقات يا بين الاقوامي سياست جي اُبتڙ هي اصطلاح رڳو رياستن جي لاڳاپن جو مطالعو ڪرڻ تي زور نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ان جا موضوع جنگ، امن، سلامتي يا فوجي طاقت وغيره تائين محدود آهن (جيڪي عام طور بين الاقوامي تعلقات ۾ استعمال ٿين ٿا)، بلڪه هن موضوع جو دائرو وسيع سرگرمين ۽ بيشمار محرڪن تائين ڦهليل آهي. ان بابت سماجي سائنسدانن Nye ۽ Keohane پنهنجي تحريرن، خاص ڪري Transnational Relations and World Politics (1972) جي عنوان سان لکيل طويل مقالي ۾ Joseph Nye ٻُڌايو آهي ، ته عام رواجي رياستي تصور جي چوڌاري ڦرندڙ ۽ بين الرياستي لاڳاپن تي ختم ٿيندڙ عالمي سياست ڪڏهن به عالمي برادريءَ بابت سچو ۽ چٽو عڪس نٿي ڏيئي سگهي. ان روايتي نقطئه نظر ۾ واضح تبديليون آڻي، تُز ڇيدَ ۽ تبديل ٿيل ڏانءَ ذريعي نئين دور جي دُنيا جا مسئلا سمجهي سگهجن ٿا. هن خيال موجب دُنيا ۾ ڪيتريون ئي خانگي ڪمپنيون آهن، جن جي مجموعي پيداوار گڏيل قومن ۾ ڪيترن ئي ميمبر مُلڪن کان وڌيڪ آهي ۽ ڪيتريون ڪارپوريشنون آهن، جن جون پاليسيون مضبوط ۽ آزاد رياستن جي معيشيت کي به لوڏي سگهن ٿيون، جيڪڏهن اڄوڪي دور ۾ اهڙين حقيقتن کي سمجهڻو آهي، ته پوءِ رڳو رياستي بُنياد تي بيٺل بين الاقوامي سياست کي تبديل ڪرڻو پوندو. انهيءَ ڪري هيءُ تصور عالمي سماج ۽ عالمي نظام وارن تصورن کي پڻ سمجهڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو ته دُنيا جي سياست کي سمجهڻ لاءِ غيرسرڪاري تنظيمن، فردن ۽ سرشتن جي اهميت ۽ مڃتا اڻ ٽر آهي. اهڙي طرح ”عالمي سياست“ جو تصور عالمي برادريءَ ۾ تمام گهڻن حصيدارن جي ڪردار کي واضح ڪندي، گهڻ - پسندي (Pluralism)، مُختلف ڀائيوارن ۽ مُختلف ادارن جي اڻ ٽر حصيداريءَکي جائز قرار ڏئي ٿو. روايتي حُڪومتي ڪنٽرول يا چند حڪومتن جي مرضيءَ موجب ٺهندڙ پاليسين جي مُخالفت ڪندي، ”عالمي سياست“ جو تصور عالمي سرشتو هلائيندڙ مڙني حلقن جي راين، نظرين ۽ پاليسين کي عالمي نظام جو حصو بنائڻ تي زور ڏئي ٿو. هن نالي جي حوالي سان دُنيا ۾ مشهور ادارا ۽ رسالا/ ڪتاب موجود آهن


.


Other Phrases of World Politics used in Daily life:

Remember Me Also:

عينلهر

ذ. عَينُ = اک + لَهَرُ ٻليءَ جي اک. هيري جو هڪ قِسم ، ساواڻ تي مائل هيرو جنهن کي گُنبَذي نموني ۾ وڍبو ته ٻليءَ جي اک جيان پيو ڀاسبو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal